رضوي مير سيد مرتضيٰ

رضوي، مير سيد مرتضيٰ: مير مرتضيٰ ٺٽي جي گورنر، نـــواب مير ڪمال الدين شاهه رضويءَ جو پٽ هو. وڏي علمي فضيلت جو مالڪ هجڻ کانسواءِ کيس فن سپاهگيري، تلواربازي، نيزي بازي ۽ هر جنگي فن جي سکيا ۽ تربيت به هئي. شاعريءَ ۾ باڪمال ۽ يگانو هو.
مرزا صائب تبريزيءَ جو شاگرد هو. تعظمين جڏهن ٺٽي ۾ ٻه سال اچي رهيو ته سندس شاعري ٻڌي ايترو ته متاثر ٿيو، جو بي اختيار ٿي چيائين ته: ”هي الهامي شاعر آهي“. ان ڪري ئي سندس تخلص ’الــهـام‘ مقرر ٿيو. هن 1126هه/1714ع ڌاري دهليءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو